November 28, 2021

شاهد آفريدي جو نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ اهم پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ طرفان سيڪيورٽي خدشن کي جواز ڄاڻائي اوچتو پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ تي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو ردعمل به سامهون اچي ويو.

نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان جي دوري تان هٿ کڻڻ کانپوءِ هاڻوڪن توڙي اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نيوزيلينڊ حڪومت تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي به ان معاملي تي آواز اٿاري ڇڏيو آهي.

پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شاهد آفريدي لکيو ته سموريون خاطرين باوجود هڪ اڻ تصديقي اطلاع تي دورو رد ڪيو ويو.