October 26, 2021

مرتضيٰ وهاب جو ٽيڪس اوڳاڙين تي نيپرا چيئرمين سان رابطو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين بابت اسد عمر جي بيان جي خبر ناهي، جيتوڻيڪ ٽيڪس اوڳاڙين جي حوالي سان نيپرا جي چيئرمين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر چيو ته نيپرا جي چيئرمين سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ٽيڪس اوڳاڙين سان ڪراچي جي ٽيڪس مان وڏي واڌ ٿيندي جيڪا وري ڪراچي جي لاءِ ئي استعمال ڪئي ويندي.