October 26, 2021

منشيات وڪري ۾ گرفتار اهلڪارن جا انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز جي هٿان گرفتار ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن.

جنهن کانپوءِ جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي سپرنڊٽنڊٽ آف پوليس ( ڊي ايس پي) سچل کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ ڪيس ۾ چالان به ڪيو ويندو.

گذريل ڏينهن رينجرز هٿان گرفتار ٿيل منشيات وڪرو ڪندڙ ٻن پوليس اهلڪارن کان جاچ ۾اڳڀرائي ٿي آهي.

جاچ ٽيم موجب ٻئي پوليس اهلڪار ڊي ايس پي سچل جا اڳوڻا گن مين آهن، گرفتار ڪيل پوليس اهلڪار سچل ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪري رهيا هئا.

ان حوالي سان انڪشاف ٿيو آهي ته منشيات پڪڙڻ ۽ وڪرو ڪندڙن ۾ ڊي ايس پي سچل جا گن مين به ملوث آهن،فرار ٿيل گن مين جي گرفتاري لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او سچل کي پهريان ئي عهدي تان هٽايو ويو آهي، انهيءَ کان اڳ بريگيڊ ٿاڻي ۾ جوابدار کان منشيات هٿ ڪئي وئي هئي جنهن معاملي ۾ ايس ايڇ او کي عهدي تان هٽايو ويو هو.پر ڊي ايس جي مقرري ٻئي هنڌ ڪئي وئي آهي.