October 25, 2021

نادرا اليڪشن ڪميشن جي ڪاوڙ کي غلط فهمي قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)نادرا چيئرمين اليڪشن ڪميشن جي ڪاوڙ واري اظهار کي غلط فهمي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.

واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نادرا جي چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تيه حڪمت عملي ٺاهي، پروجيڪٽ پلان ڪيو، جنهن کانپوءِ آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ اجازت گهري.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نادرا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهي ٿو، آئيني ادارو آهي، پاڪستان وڃي غلط فهمي ختم ڪنداسين.

نادرا جي خط تي اليڪشن ڪميشن کي ڪاوڙ اچي وئي هئي، نادرا لکيو هو ته اليڪشن ڪميشن سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ منصوبي جي سلسلي ۾ نئون معاهدو ڪري ٻئي صورت ۾ دير جو ذميوار پاڻ هوندو.