October 26, 2021

نيوزي لينڊ جي دوري ملتوي ڪرڻ سان اسٽاڪ ايڪسچينج تي ناڪاري اثر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نيوزي لينڊ جي دوري ملتوي ڪرڻ سان پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ناڪاري اثر پيا آهن.

جمعي جي ڏينهن پهرين ڪاروباري سيشن ۾ 100 انڊيڪس 227 پوائنٽس واڌ تي بند رهيو، ٻئي سيشن جي شروعات به هاڪاري رهي پر نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ مارڪيٽ جو رجحاڻ مٽجي ويو.

انڊيڪس ڏينهن جي بلند ترين سطح 47 هزار 183 کان رڳو هڪ سئو منٽن ۾ 600 کان مٿي پوائنٽون ڪري پيو، جڏهن ته ڪاروبار جو خاتمو 284 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 46 هزار 636 تي ڪيو ويو.

اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 38 ڪروڙ 72 لک شيئرز جا سودا ٿيا جن جي ماليت 16 ارب 23 ڪروڙ رپين کان مٿي رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جي ڪيپٽلائيزيشن 43 ارب رپيا گهٽ ٿي آهي.

ڪاروبار جي خاتمي وقت مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 8 هزار 135 ارب رپيا آهي.