October 26, 2021

پاڪ نيوزيلينڊ سيريز رد ٿيڻ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جو بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم طرفان پاڪستان جي دوري تان هٿ کڻڻ تي پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسٽن ٽرنر جو بيان سامهون اچي ويو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڪرسٽن ٽرنر لکيو ته سيريز ختم ڪرڻ ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن جي ملوث هجڻ جون خبرون غلط آهن.

 

هن ٻڌايو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو نيوزيلينڊ اختيارين جو هو، تسليم ڪيان ٿو ته هي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ مايوسي وارو ڏينهن آهي.

واضح رهي ته اڄ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ ٿيڻي هئي پر نيوزيلينڊ ٽيم سيڪيورٽي خدشن کي جواز ڄاڻائي دورو ختم ڪري ڇڏيو.