آمريڪا افغان شهري مارڻ جو اعتراف ڪري ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا اعتراف ڪيو آهي ته ”اسلامڪ اسٽيٽ“ جي شڪي ويڙهاڪن خلاف ڪيل تازو ڊرون حملو هڪ غلطي ثابت ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 10 افغان شهري مارجي ويا.
آمريڪي مرڪزي ڪمان جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ مڪ ڪينزي ان واقعي جا جاچ ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ تسليم ڪيو ته اها غلطي هئي، پوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير لائڊ آسٽن متاثرن سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ معافي به گهري.
آمريڪا طرفان متاثر خاندانن کي امدادي رقم فراهم ڪئي ويندي پر في الحال اهو واضح ناهي ته ڪڏهن ۽ ڪيتري.
واضح رهي ته اهو واقعو 29 آگسٽ تي ڪابل ۾ پيش آيو هو، جنهن ۾ آمريڪي فوج جي هڪ انٽيليجنس رپورٽ تي ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو هو.