October 26, 2021

”آمريڪا جو ناڪامين تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ افسوسناڪ آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي مڪينزم تي پاڙيسري ملڪن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون، طالبان هڪ حقيقت آهن ۽ دنيا کي انهن کي موقعو ڏيڻو پوندو.

روسي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن تي افغانستان مان پرڏيهي فوجون ڪڍڻ جي معاملي تي تنقيد درست ناهي، جو بائيڊن سمجهداري وارو قدم کنيو، ان تي ناجائز تنقيد ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان ڏنيون آهن، نائن اليون سانحي سان ڪو واسطو نه هجڻ باوجود پاڪستان کي اتحادي فورس جو حصو بڻايو ويو، هاڻ آمريڪا جو پنهنجي ناڪامين تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ افسوسناڪ آهي.

سندس چوڻ هو آمريڪا خلاف طالبان جي مدد جو الزام درست مڃيو وڃي ته مطلب پاڪستان آمريڪا کان وڌيڪ طاقتور آهي، جڏهن ته پاڪستان تي طالبان جي مدد جي پروپئگنڊا افغانستان جي هٿ ٺوڪي حڪومت ڪئي، اشرف غني حڪومت پنهنجون نااهليون لڪائڻ لاءِ پاڪستان خلاف پروپئگنڊا ڪئي ۽ پاڪستان مخالف پروپئگنڊا کي ڀارت پنهنجا ناپاڪ عزم پورا ڪرڻ لاءِ اسپانسر ڪيو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي مڪينزم تي پاڙيسري ملڪن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون، طالبان هڪ حقيقت آهن ۽ دنيا کي انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان لاءِ عالمي برادري کي طالبان حڪومت جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي.

عمران خان چيو ته افغانستان جي بجيٽ 75 سيڪڙو عالمي امداد سان هلندي آهي، عالمي پابندين سان افغانستان تباهه ٿي ويندو.