November 28, 2021

افغانستان ۾ سڀني ڌرين تي ٻڌل حڪومت جوڙي وڃي: ايراني صدر

1 min read

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ڪنهن هڪ نسلي يا سياسي گروپ سان واسطو رکندڙ حڪومت افغانستان جا مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي خطاب ۾ ايراني صدر  جو چوڻ هو ته ايران- افغانستان سان گڏ سرحد تي داعش جي موجودگيءَ جي اجازت نه ڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي سرحد ڪنهن دهشتگرد گروپ، داعش جي موجودگي ۽ ٻئي ملڪ تي حملن جي اجازت نه ڏينداسين،  افغانستان ۾ داعش جي موجودگي نه صرف افغانستان پر سموري خطي جي لاءِ خطرناڪ آهي.

افغانستان ۾ سڀني ڌرين تي ٻڌل حڪومت جوڙي وڃي، ايران زور ڏنو ته طالبان افغانستان ۾ مستبقل جي حل جو حصو ضرور بڻجن.