August 9, 2022

افغانستان ۾ طالبان فورسز جي گاڏي تي حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ننگرهار جي شهر جلال آباد ۾ بم ڌماڪن جا اطلاع سامهون آيا آهن.

افغان ميڊيا موجب ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪن جو بارودي مواد روڊ ڪناري لڳايو ويو هو، جنهن ۾ طالبان فورسز جي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.

مقامي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ ڌماڪن جا اطلاع آهن پر ان جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

ننگرهار جي صوبائي اسپتال جي اختيارين موجب 20 زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال آندو ويو، جن ۾ گهڻا عام شهري آهن.

ان حملي جي ذميواري هيل تائين ڪنهن به گروهه قبول ناهي ڪئي، جڏهن ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو پهريون حملو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube