November 28, 2021

بجلي ۽ گئس جي نان فائلرز ڪمرشل واهپيدارن تي 17 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ غير رجسٽرڊ صنعتي ۽ ڪمرشل بجلي ۽ گئس واهپيدارن تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نان فائلرز صنعتي ۽ ڪمرشل واهپيدارن تي 17 سيڪڙو تائين واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

نان فائلرز ڪمرشل واهپيدارن جي بلن تي 5 کان 17 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ماهوار 10 هزار رپين تائين جي ڪمرشل واهپيدارن جي بل تي 5 سيڪڙو واڌو ٽيڪس، ماهوار 10 کان 20 هزار رپين جي بل تي 7 سيڪڙو واڌو ٽيڪس، جڏهن ته 20 کان 30 هزار رپين جي بل تي 10 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳندو.

نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 30 کان 40 هزار رپين جي بل تي 12 سيڪڙو واڌو ٽيڪس ۽ ماهوار 40 کان 50 هزار رپين جي بل تي 15 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳندو، جڏهن ته 50 هزار رپين کان وڌيڪ جي بل تي 17 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳايو ويندو.