November 28, 2021

بي ڏوهه خورشيد شاهه کي جلد آزاد ڪيو وڃي: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خورشيد شاهه 2 سالن کان نيب جي قيد ۾ آهي.

هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته خورشيد شاهه ۽ سندس گھرڀاتين تي ڪوڙا ڪيس سليڪٽڊ جوالزام آهي.

هن چيو ته خورشيد شاهه بيمار ۽ بيگناهه آهي، کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته عدالتون خورشيد شاهه جي معاملي ۾ انصاف ڪنديون.