January 18, 2022

سنڌي ڪرڪيٽرن سان ناانصافيون: ايم ڪيو ايم جو قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسپورٽس اينڊ ڪلچر ڪميٽي سنڌ جي ڪرڪيٽرن سان مسلسل ناانصافين خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي اهو معاملو صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان، شفيق ڪاظمي، خالد نفيس، آصف علي خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته انڊر 19 ڪپ ۾ ڪراچي جي ست زونز ۾ مندپسند ڪرڪيٽرن جي سليڪشن ڪري محنتي ۽ سٺي ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن سان ناانصافي ڪئي وئي، ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني شھرن کي پي سي بي نظرانداز ڪري رھي آهي، اھڙي ناانصافي تي وزيراعظم ۽ پي سي بي چيئرمين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي.

هنن چيو ته ڪنهن جي پرچي يا سفارش تي ھاڻي ڪم نه ھلندو، پنهنجي حق لاءِ وڙھڻ بغاوت ناھي، اسان پنهنجي حقن لاءِ ھر فورم تي احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿي رھيو آهي.

سندن چوڻ هو ته اعظم خان کي سرفراز احمد تي ترجيح ڏني وئي، فواد عالم کي 10 سالن تائين نظرانداز ڪيو ويو ۽ جڏهن کيڏيو ته 5 سينچريون اسڪور ڪيائين، جيڪڏهن سنڌ جي رانديگرن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برقرار رکيو ويو ته صوبائي ۽ نيشنل اسيمبلي اندر آواز اٿارينداسين ۽ نيشنل اسٽيڊم اڳيان به احتجاج ڪيو ويندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube