November 28, 2021

شرميلا فاروقي جي لياري جي هوٽل ۾ چانهه پيئندي ويڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروقي جي لياري جي هوٽل ۾ چانهه پيئندي ويڊيو وائرل ٿي وئي.

شرميلا فاروقي ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس چانهه پيئندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ هوءَ ان چانهه جي پسنديدگيءَ جو اظهار به ڪري رهي آهي.

صوبائي اسيمبلي ميمبر صبح سان لياري جي علائقي چيل چوڪ پهتي، جتي هن هڪ هوٽل تي چانهه ٺهرائي ۽ چانهه ٺاهيندڙ سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.

شرميلا فاروقي چانهه واري کان پڇيو ته توهان ڪيتري عرصي کان چانهه ٺاهي رهيا آهيو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته مان 15 سالن کان چانهه ٺاهي رهيو آهيان.

سنڌ اسيمبلي ميمبر هوٽل ۾ ئي ويهي گرم گرم چانهه پيتي ۽ سٺي چانهه ٺاهيندڙ هوٽل واري کي داد به ڏنو.