November 28, 2021

ملڪ کي سول بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني گهرجي: شهباز شريف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته غير شفاف چونڊون برداشت نه ڪنداسين، ملڪ کي سول بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني گهرجي.

ملڪ جي سڀني آئيني ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته اها ئي انهن جي مفاهمت آهي.

شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي  چيو ته ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ پنجاب جي اڪثريت ن ليگ کي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جتي ن ليگ جا منصوبا ٺهيا آهن اتي پي ٽي آءِ پنهنجون تڪتيون لڳائي رهي آهي، رياست مدينا جو نالو ورتو ٿو وڃي ۽ ڪم ان جي لاءِ ابتڙ ڪيا ٿا وڃن.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ايٽمي طاقت هجڻ باوجود به پي ٽي آءِ وارا ڪستو کڻي پنندا آهن، عمران خان چوندو هو ته جيڪڏهن ڊالر هڪ روپيو به وڌي وڃي ته ان وقت سمجيهو وڃي ته وزيراعظم چور آهي.

وزيراعطم چوندو هو جيڪڏهن بجلي جي بلن ۾ به اضافو ڪيو وڃي ته ان ڏينهن ائين سمجهيو وڃي ته ملڪ جو وزيراعظم چور آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ضمير موجب  ووٽ ڏيڻ جو حقدار بڻايو وڃي.

ٽن سالن ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ماڻهو اڄ به ن ليگ کي  ياد ٿا ڪن ته نواز شريف جي دورِ حڪومت ۾ اسپتالن اندر دوائون مفت ۾ ملنديون هيون.

ان ۾ ٻه راءِ ناهن ته ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ مداخلت جو نشان نه هو، شهباز شريف جو چوڻ هو ته کنڊ اڄ 108 روپيه 10 پئسه في ڪلو تائين پهچي وئي آهي.

اسان جي دور ۾ کنڊ 52 روپين کان وڌيڪ نه ڪئي وئي هئي، ٽن سالن ۾ اربين روپين جي کنڊ هٿ ڪئي وئي آهي اڄ انهن ئي ماڻهن جي هٿان ملڪ جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ياد رهي ته 2018ع ۾ ماڻهن پي ٽي آءِ کي ان جي لاءِ ووٽ ڏنو ته شايد تبديلي ايندي، اسان ته ن ليگ جي دور ۾ نوجوانن کي انعام جي طور ليپ ٽاپ به ڏناسين،  اهي ماڻهو ان وقت چون پيا ته شهباز شريف رشوت ٿو ڏئي اڄ جڏهن ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو 170 جي ويجهو پهتو آهي ڪرپٽ ڪير آهي؟

50 لک گهر، هڪ ڪروڙ نوڪرين جي ڳالهه ڪندڙ اڄ 50 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي.

ايندڙ اليڪشن ۾ (ن ) ليگ پوري ملڪ ۾ ميدان ماريندي، هاڻي ڪا به غير شفاف اليڪشن برداشت نه ڪئي ويندي.

جيڪڏهن صاف شفاف اليڪشن نه ٿي ته اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي