November 28, 2021

نيوزيلينڊ جا پنهنجا به پاڪستان جي حمايت ڪرڻ لڳا

اڳوڻي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽر، ناليواري ڪامينٽريٽر ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ به ڪامينٽري ڪري سڀني کي لطف اندوز ڪندڙ ڊيني موريسن پڻ پاڪستان دوري تان هٿ کڻڻ جي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي بيان ڏيندي ڊيني موريسن واضح ڪيو ته مان نٿو ڄاڻان نيٺ ڇا ٿي رهيو آهي؟ پاڪستان ۾ تفريح ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو وقت تمام سٺو هو، منهنجون نيڪ خواهشون پاڪستان سان گڏ آهن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان سان پهرين ون ڊي ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي اهڙي اوچتي قدم تي جتي قومي ڪرڪيٽر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن، اتي ئي پرڏيهي ڪرڪيٽرن به ڪيوي بورڊ جي اهڙي فيصلي تي حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي.