November 28, 2021

پاڪستان جا سڀ ارمان لُڙهي ويا، انگلينڊ طرفان دورو نه ڪرڻ جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان لاءِ هڪ ٻي بُري خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان دوري تان هٿ کڻڻ کانپوءِ انگلينڊ به پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان سان پهرين ون ڊي ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو جواز سيڪيورٽي خدشن کي ڄاڻايو ويو هو.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موقف اختيار ڪيو هو ته پاڪستان ۾ اسان جي سيڪيورٽي ٽيم جلد رپورٽ ڏيندي، جنهن کانپوءِ پاڪستان دوري بابت فيصلو ڪنداسين.

اي سي بي ترجمان چيو هو ته سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪيويز طرفان پاڪستان دورو ختم ڪرڻ جي معاملي کان آگاهه آهيون، اسان سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته نيوزيلينڊ اوچتو دورو رد ڇو ڪيو.

سندس موجب حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ اسان جي سيڪيورٽي ماهرن جي ٽيم پاڪستان ۾ آهي، جنهن سان رابطي ۾ آهيون، ماهرن جي ٽيم سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، جلد پنهنجي رپورٽ ڏيندي.

ان ڏس ۾ عوامي آواز کي انگلينڊ ۾ موجود ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم کي 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پر نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي کانپوءِ اها اميد به دم ٽوڙي وئي آهي، ڇو ته اي سي بي طرفان پاڪستان جو دورو  نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته هڪ اهم عهديدار جو اي سي بي تي زور آهي ته پاڪستان کي موقعو ڏنو وڃي، جڏهن ته گهڻن جي اها راءِ آهي ته پاڪستان جو دورو نه ڪيو وڃي، ان معاملي تي گهڻو بحث به ڪيو ويو پر آفيشل طور ڪو فيصلو ناهي ٿي سگهيو، ان سلسلي ۾ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ تمام جلد حتمي فيصلو ڪندو.

هوڏانهن نيوزيلينڊ ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته نيوزيلينڊ جي حڪومت کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ٿريٽ جو اطلاع فائيو آئيز طرفان ڏنو ويو هو.

واضح رهي ته فائيو آئيز نيوزيلينڊ، آسٽريليا، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيا تي ٻڌل انگريزي ڳالهائيندڙ جمهوري ملڪن تي ٻڌل انٽيليجنس شيئرنگ انتظام آهي، جيڪو سرد جنگ دوران سوويت يونين تي نظر رکڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو.