August 13, 2022

ڪيوي ٽيم خاص اڏام ذريعي اسلام آباد کان دبئي رواني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هڪ طرفي فيصلي کانپوءِ پنهنجو پاڪستان دورو رد ڪندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم اسلام آباد کان دبئي رواني ٿي وئي.

اڄ شام 6 لڳي 15 منٽن تي خاص جهاز نيوزيلينڊ جي ٽيم کي وٺڻ لاءِ اسلام آباد پهتو هو، ايوي ايشن ذريعن موجب فلائيٽ ابو ظهبي کان اسلام آباد پهتي هئي.

اسلام پهچڻ کانپوءِ خاص اڏام دبئي لاءِ رواني ٿي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ۽ اسٽاف سميت 33 ڄڻا سوار هئا.

ان کان اڳ ايئرپورٽ پهچڻ تي ڪيوي اسڪواڊ جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ سڀني جا نتيجا ناڪاري آيا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان سان پهرين ون ڊي ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube