October 26, 2021

افغان طالبان عالمي برادري کان امداد گهري ورتي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي امداد جي ضرورت آهي.

افغانستان جي شهر قندوز ۾ طالبان جي صوبائي ترجمان عالمي برادري کي امداد جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن اتي انساني بحران تي ضابطو آڻي سگهجي.

طالبان جي صوبائي ترجمان مطيع الله روحاني چيو ته جرمني سميت عالمي برادري افغانستان ۾ امداد ملڪ جي تعميراتي منصوبن جي صورت يا وري ڪنهن ٻي صورت ۾ به ڏئي سگهي ٿي.

واضح رهي ته سڄي دنيا جون حڪومتون ان ٻڏتر جو شڪار آهن ته طالبان سان ڪم ڪيئن ڪيو وڃي، گڏوگڏ اهي حڪومتون افغانستان ۾ عورتن ۽ انساني حقن جي حوالي سان پريشان آهن.