October 26, 2021

سونهن راڻي ايشوريا جا باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان بابت اهم انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ جو پراڻو انٽرويو اڄڪلهه ڀارتي ميڊيا تي هلي رهيو آهي.

اداڪارا ڀارتي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته اداڪار شاهه رخ خان سندس کي ڪيترن ئي فلمن مان ڪڍرايو آهي، جن ۾ سپر هٽ فلمون” چلتي چلتي“ ۽ ”وير زارا “ به شامل آهن.

ايشوريا جو چوڻ هو ته انهن ڏينهن ۾ منهنجون شاهه رخ خان سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جون ڳالهيون هليون رهيون پر اوچتو خبر پئي ته مونکي فلمن ۾ ڪاسٽ ناهي ڪيو ويو، مونکي اڄ تائين خبر ناهي پئي ته ائين ڇو ٿيو.

ان کان پوءِ ڪنگ خان هڪ انٽرويو دوران پنهنجي ان فيصلي تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ پروجيڪٽ جي شروعات ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ تنهن ماڻهوءَ کي تبديل ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي.

اها وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ڇو ته ايشوريا منهنجي سٺي دوست آهي.

سندس چوڻ هو ته مونکي ذاتي طور تي ائين ٿو لڳي آئون غلط ڪيو، پر پروڊيوسر طور اهو صحيح فيصلو هو، مان ايشوريا کان به معافي گهري هئي.

ياد رهي ته شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ ”جوش، ديوداس ۽ محبتين“ جهڙن سپرهٽ فلمن ۾ به گڏ ڪم ڪيو آهي.