طالبان جي مداخلت، افغان صحافين عالمي برادري کان مدد گهري ورتي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) هڪ سئو کان وڌيڪ افغان صحافين عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته افغانستان ۾ صحافت جي آزادي جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن.
افغان صحافين، صحافين جي عالمي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) نالي لکيل هڪ خط ۾ صحافين لاءِ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته فوٽو گرافرن ۽ رپورٽرن تي حملن ۽ ميڊيا جي ڪم ۾ طالبان جي مداخلت خوف کي بدترين حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي.
ان اپيل تي مختلف سياسي ۽ نسلي گروهن جي ميڊيا نمائندن صحيحون ڪيون آهن، جن مان گهڻا افغانستان ۾ ئي رهندڙ آهن، ڪجهه روپوش ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 10 صحافي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي چڪا آهن.