October 26, 2021

طالبان حڪومت قبولڻ جو مطالبو، پيپلزپارٽي حڪومت کي فائدو نه ڏياري: مولانا فضل الرحمان

لاهور(ويب ڊيسڪ)اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ ( پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته طالبان حڪومت کي قبول ڪرڻ افغانستان کي قبول ڪرڻ آهي. طالبانن سان همدري جو  اظهار ڪندي انهن جي حڪومت کي فوري طور تي قبول ڪيو وڃي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چين ۽ روس دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن، اسان کي به رابطو رکڻ گهرجي، اسان افغانستان سان سڌي ريت پاڙيسري ۽ تاريخي ڳانڍاپن سان جڙيل آهيون، افغانستان ۾ پرامن ۽ مستحڪم نظام آڻڻ جي لاءِ مدد ڪيو.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جا ماڻهو گڏ آهن، گڏيلن کي ٻيهر آزمائش ۾نه آڻڻ گهرجي، پيپلزپارٽي الائنس بابت اهڙو رويو رکي جنهن جو فائدو حڪومت کي نه ٿئي. حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءَ گڏ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته گڏ نه ٿياسين ته ڪنهن به چيلينج جو مقابلو نه ڪري سگنداسين.

پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۾ هڪ الائنس جي هوندي به ٻاهران اپوزيشن ڪري سگهجي ٿي، هڪ محاذ تي جنگ وڙهڻ گهرجي گهڻا محاذ نه کولڻ گهرجن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻوڪي حڪومت ۾ ملڪ کي هلائڻ جي صلاحيت ڪانهي.