November 28, 2021

پاڪستان دوري کان اڳ ڪيوي ڪرڪيٽرن کي جعلي ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ وائيٽ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان دوري کان اڳ ڪجهه ڪيوي ڪرڪيٽرن کي مبينا طور ڌمڪين جا پيغام مليا هئا.

هڪ بيان ۾ ڊيوڊ وائيٽ چيو ته سيڪيورٽي اختيارين ڌمڪين جي پيغامن جي جائزي کانپوءِ انهن کي غير تصديقي يا وري جعلي قرار ڏنو هو.

هن اعتراف ڪيو ته کين مڪمل اطمينان هو ۽ سڀ ڪجهه سٺو هو، تنهن ڪري ٽيم پاڪستان موڪلي هئي پر سڀ ڪجهه جمعي ڏينهن تبديل ٿيو، ٿريٽ ليول وڌي ۽ ايڊوائزري تبديل ٿي، حڪومت طرفان مخصوص ۽ تصديق ٿيل ٿريٽ ليول جي ايڊوائزري ملڻ تي دورو ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو.

هوڏانهن نيوزيلينڊ پليئرز ايسوسيئيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو هيٿ ملز به تصديق ڪئي آهي ته رانديگرن کي ملندڙ ڌمڪيون تصديقي نه هيون پر جمعي ڏينهن ذميوار ذريعن وٽان تصديق ٿيل ڄاڻ جي بنياد تي دورو رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.