October 26, 2021

گرين لائن بس سروس سنڌ جو پهريون ماس ٽرانزٽ منصوبو آهي: عمران اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي واري لاءِ وڏي وقت کان رڳو ڳالهيون ڪيون ويون، گرين لائن بس سروس سنڌ جو پهريون ماس ٽرانزٽ منصوبو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو خوشي آهي ته اڄ اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون، 13 سالن ۾ ڪڏهن بسون نه آيون، اسان شهرين لاءِ بسن جو ڪرايو گهٽ رکيو آهي.

ان کان اڳ ٽوئيٽ ۾ عمران اسماعيل گرين لائن پراجيڪٽ لاءِ بسون ڪراچي پهچڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته بسن جي اچڻ جي خوشي ۾ ريڊ ڪارپيٽ جهڙا انتظام ڪيا ويا آهن.