October 26, 2021

بحريا ٽائون ڪيس: سيد جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو ، ڊاڪٽر قادر مگسي سميت ٻيا 27 ڪيسن مان آجا قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عدالت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل 27 ڪيس ختم ڪري ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 27 ڪيسن مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، سجاد چانڊيو، عبدالخالق جوڻيجو  سميت 105 ڪارنن ۽ ٻين اڳواڻن مٿان داخل ڪيل ڪيسن مان 27 ڪيسن کي سي ڪلاس قرار ڏئي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه عدالتي فيصلي کي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڪيلن جي شاندار جدوجهد ۽ انهن جو سنڌ جي قومي ۽ جمهوري تحريڪ سان گڏ بيهڻ قابل فخر ڳالھ آھي.

هن چيو ته عدالت ۾ اڄ سنڌ حڪومت ۽ بحرياٽاون پاران داخل 27 ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏئي ختم ڪرڻ مان اهو ثابت ٿيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن مٿان سياسي مخالفت سبب ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا هئا. اسين اميد ڪريون ٿا ته باقي رهيل ڪيس به ايندڙ ٻڌڻي  تي ختم ڪري انصاف ڪيو ويندو.