October 25, 2021

سنڌ ۾ برساتون، موسميات کاتي اهم آگاهي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن سان گڏوگڏ اها به اڳڪٿي ڪئي آهي ته هيل چوماسي سسٽم دير تائين هلي سگهي ٿو.

موسميات کاتي عوام کي هوشيار ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري چوماسيءَ سسٽم دير سان ختم ٿيندو.

چوماسي هوائون 22 سيپٽمبر کان سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي وينديون، جنهن جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ بدين ۾ 22 کان 25 سيپٽمبر دوران تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب حيدرآباد، ٺٽي، نوابشاهه، دادو، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ 23 کان 25 سيپٽمبر دوران برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ وچولي مينهن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال چوماسيءَ دوران سنڌ ۾ 47 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون پر سيپٽمبر ۾ معمول کان وڌيڪ چوماسي سسٽم نار بنگال ۾ جُڙي رهيا آهن ۽ چوماسيءَ سسٽم جي پڄاڻي به دير سان ٿيڻ جو امڪان آهي.