October 26, 2021

سنڌ ۾ ڪاليجن جي شاگردن لاءِ وڏي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليمي سڌارن بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران تعليمي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪميٽي ڪاليجن ۾ يونيورسٽين جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ بابت رهنمائي ڪري.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تعليمي سڌارن بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت تعليمي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت چيو ته ڪميٽي ڪاليجن ۾ يونيورسٽين جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ بابت رهنمائي ڪري، هر شاگرد کي ان جي ضلعي ۾ يونيورسٽي جهڙي تعليم ڏني وڃي.

ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن گريجوئيشن جي ڊگري کي 16 سالن تائين کڻي وڃو ته ڪهڙيون ڏکيائيون ٿينديون؟ يونيورسٽي پئسا ڪمائڻ لاءِ ڊپلومه ڏئي ڇڏيندي آهي.

عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته توهان ٻارن سان فراڊ ڇو ڪري رهيا آهيو؟ 40 سالن کان اهو فراڊ هلي رهيو آهي، توهان اها چوري ۽ فراڊ ڪڏهن ختم ڪندئو؟ يقيني بڻايو ته ڪنهن سان فراڊ نه ٿئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ موجب 340 ڪاليج آهن، انهن کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.

عدالت 3 مهينن دوران ڪاليجن ۾ 16 سالن جي ڊگري ڏيڻ جي معاملي کي فائنل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سيڪريٽري ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته 3 ڏينهن ۾ سڄي صوبي جي ڪاليجن ۾ 16 سالن جو پروگرام شروع ڪيو وڃي.