November 28, 2021

پاڪستان ۾ ڳورهاري عورتن کي به ويڪسين لڳرائڻ جي اجازت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڳورهاريون عورتون به ڪورونا ويڪسين هڻائي سگهن ٿيون.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته اسلام آباد کي 100 سيڪڙو ويڪسينيٽڊ شهر بڻائڻ چاهيون ٿا، ويڪسين بيماري کان بچائيندي ۽ حڪومت ويڪسين خريد ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عوام جي سهڪار سان ڪورونا جهڙي بيماريءَ سان منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، شهرين کي گهرجي ته ويڪسين لڳرائڻ ۾ دير نه ڪن.

سندس چوڻ هو ته موبائل ويڪسينيشن ٽيمون رهيل علائقن ۾ وڃي ويڪسينيشن ڪنديون، تنهن ڪري درخواست آهي ته جڏهن به موبائل ويڪسينيشن ٽيم اچي ته ويڪسين ضرور لڳرايو.

ڊاڪٽر فيصل سلطان موجب موبائل ويڪسينيشن يونٽ صحت کاتي جو انقلابي قدم آهي، موبائل ويڪسينيشن يونٽ ۾ ڊيٽا انٽري سان گڏ ويڪسينيشن کي يقيني بڻايو ويندو.