November 28, 2021

تعليم کاتي ۾ وري انڌير جا انڪشاف، استاد ۽ عملو گوسڙو بڻيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گوسڙو ملازمن جي حوالي سان وڏا انڪشاف ٿيا آهن.

تعليم کاتي جي حوالي سان رڳو ڪراچي جي ضلعي ايسٽ ۾ 126 استاد ۽ ٻيو عملو پنهنجي نوڪرين تان فرار ٿيل آهي. جن ۾ 71 سرڪاري استاد ۽ 55 ٻيا ملازم شامل آهن.

نوڪري ڪرڻ کان آجا اهي سمورا استاد ۽ ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، جيڪي ڪيترن ئي مهينن کان اسڪول ويا ئي ناهن.

استاد ۽ عملي جي حوالي سان تعليم کاتي جي ماتحت ڪم ڪندڙ مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن ڊپارٽمينٽ کي رپورٽ ڏني وئي آهي.

رپورٽ تي نوٽيس وٺندي تعليم کاتي اهڙن استادن ۽ ملازمن کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت گهري ورتي آهي.

ياد رهي ته اهڙي غير حاضرين تي قانونن موجب تعليم کاتو ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ جو حق رکي ٿو.

اهو به ياد ڏياريندا هلون ته سنڌ ۾ تعليم کاتي سميت ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ گوسڙو عملي جا مختلف وقتن ۾ انڪشاف ٿيندا رهيا آهن.

اهو چيو ويندو رهيو آهي ته پوليس توڙي ٻين کاتن ۾ عملدارن کي يا ته ويزائن تي موڪليو ويندو آهي يا وري اهي مڪمل طور گوسڙو بڻجي گهر ويٺي پگهارو کڻندا رهندا آهن.

ان حوالي سان ڪيترن ئي ٿيل انڪشافن تي مختلف وقتن ۾ نوٽيس ته ورتا ويا آهن ته ڪا هاڪاري ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري گوسڙو عملي معافي ملي ويندي آهي ۽ اهڙو عمل وري ٻيهر شروع ٿي ويندو آهي.

ڏسڻو اهو آهي ته ڇا هن ڀيري تعليم کاتو پنهنجي گوسڙو استادن توڙي ٻئي عملي خلاف ڪي قدم کڻي ٿو يا اڳ جيان هن ڀيري به انهن کي ڪنهن ڪارروائي کان آجو ڪري کين ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ لاءِ اهڙي صورتحال ۾ مقرر ڪيو ويندو.