October 26, 2021

سنڌ جي گورنر کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي آڇ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي ميمبر سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي.

گورنر سان ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر شريڪ هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۽ گورن ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.

حسن مرتضيٰ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو دور پورو ٿي ويو بهتر آهي ته توهان سڀ بلاول ڀُٽو جي قافلي ۾ شامل ٿي وڃو.

هن چيو ته اهو مشورو مفت ۽ هر وقت جي لاءِ آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي.

ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جا ميمبر نمائشي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ ڪراچي پهتا آهن.

پنجاب اسيمبلي اليون ۾ مسلم ليگ نون پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر شامل آهن.

اهو به ياد ڏياريندا هلون ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ۾ نون ليگ جا ميمبر شريڪ نه ٿيا.