October 25, 2021

پاڪستان جو دورو رد ڪرڻ تي انگلش ڪرڪيٽر ۽ صحافي به مڇرجي پيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جو دورو رد ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ مان به آواز اٿڻ لڳا.

نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو باضابطا طور اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ انگلينڊ تي نه رڳو پاڪستان پر انگلينڊ مان به آواز اٿڻ لڳا آهن.

انگلينڊ طرفان پاڪستان جي دوري تان هٿ کڻڻ تي انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ موجوده ڪامينٽريٽر مائيڪل ايٿرٽن چيو ته انگلينڊ پاڪستان جو رهيل قرض نه لاهي سگهيو، انگلش ڪرڪيٽ گورننگ باڊي، رانديگرن وٽ موقعو هو ته هن هفتي ڪجهه سٺو ڪن ها، وٽن موقعو هو ته ان ڪرڪٽنگ نيشن جو قرض لاهين ها، جنهن اڳ ۾ ئي گهڻن چئلينجن کي منهن ڏنو.

برطانوي صحافي جارج ڊوبيل چيو ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ٻٽي معيار سبب دوستن کان محروم ٿي ويندو، پاڪستان ڏکين حالتن ۾ انگلينڊ جو دورو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ لنڊن ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو، نيوزيلينڊ جي وومين ٽيم کي انگلينڊ ۾ ڌمڪي ملي پر ان کي ڌمڪي کي رد ڪيو ويو، تازو ميچن دوران تماشائي ميدان ۾ آيا، اهو ٻئي هنڌ ٿئي ها ته انگلينڊ ڇا ڪري ها، جيڪڏهن لنڊن ۾ زندگي جاري رکي سگهجي ٿي ته لاهور ۾ ڇو نه.

انگلش وومين ٽيم جي ڪپتان هيٿر نائٽ چيو ته پاڪستان جو دورو رد ڪرڻ کان اڳ اسان کان پڇيو ئي نه ويو، اها ڳالهه اسان جي وس کان ٻاهر آهي.

هن چيو ته پاڪستان دوري بابت فيصلي تي مشاورت نه ڪئي وئي، بورڊ ميمبرن جو اجلاس ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو، اسان کي پوءِ خبر پئي ته پاڪستان جي دوري تي نه پيا وڃون.