August 9, 2022

آخري بال تائين وڙهو: وزيراعظم جي قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ کي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل قومي اسڪواڊ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي.

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات تقريبن هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت جاري رهي، جنهن کانپوءِ رانديگرن جي چهرن تي مُرڪون ۽ انهن جو مورال بلند نظر آيو.

وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کانپوءِ قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ وزيراعظم هائوس مان روانو ٿي ويو.

ذريعن موجب ملاقات ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا به شريڪ هئا، هن نيوزيلينڊ ۽ برطانيا طرفان پاڪستان خلاف سيريز نه کيڏڻ بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ سان ملاقات ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ انهن جو حوصلو وڌايو ۽ چيو ته ڪاميابي ۽ شڪست راند جو حصو آهي، آخري بال تائين هار ناهي مڃڻي، رانديگرن کي جوش ۽ جذبي سان ڪرڪيٽ کيڏڻ گهرجي.

Follow by Email
YouTube
YouTube