October 26, 2021

افغان پارليامينٽ جون 7 ميمبر عورتون يونان پهچي ويون

ايٿنس(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ 7 افغان پارليامينٽ جون 7 عورت ميمبر ملڪ ڇڏي يونان پهچي ويون آهن.

خابرو ايجنسي موجب جارجيا جي رستي افغان پارليامينٽ عورت ميمبر گهرڀاتين سميت ايٿنز پهتيون آهن.

يونان جي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا ۾ آبادڪاري جو طريقيڪار مڪمل ٿيڻ تائين افغان عورتن کي يونان ۾ ئي رکيو ويندو.

پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته افغانستان مان نيڪالي اختيار ڪندڙ پارليامينٽ جي عورت ميمبرن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.

خابرو اداري يوناني پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته افغان عورتن کي آمريڪي اين جي اوز جي مدد سان افغانستان مان ڪڍيو ويو.

هن وقت عورت ميمبر پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ ايٿنز ۾ باحفاظت پهچي چڪيون آهن ۽ انهن جي آمريڪي وڃڻ لاءِ تياريون ٿي رهيون آهن.