October 26, 2021

بگ باس 13 جي ڪنٽسٽنٽ پارس ڇابڙا جو پاڻ بابت انڪشاف

ڀارت (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ريليٽي شو بگ باس جي سيزن 13 جي ڪنٽسٽنٽ پارس ڇابڙا انڪشاف ڪيو آهي ته شو کان ٻاهر اچڻ بعد مونکي انزائٽي اٽيڪ ٿيو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب بگ باس جي اڳوڻي ڪنٽسٽنٽ پارس ڇابڙا پنهنجي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي جگر ۾ انفيڪشن ٿي ويو هو جنهن ڪري وزن گهڻو وڌي ويو آهي.

پارس ڇابڙا چيو ته جڏهن آئون بگ باس جي سيزن 13 جي گهر کان ٻاهر آيس ته احساس ڪمتري ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو هئس ۽ مونکي انزائٽي اٽيڪ به ٿيو هو جنهن کانپوءِ هن ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ٽڪيون کائڻ شروع ڪيون.

ٻئي پاسي پارس پنهنجي وڌندڙ وزن جي ڪري شرمسار ناهي ۽ هو مختلف ورزش ۽ جِم ڪري پنهنجو وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته بگ باس سيزن 13 ۾ پارس ڇابڙا ۽ عاصم رياض جي گهڻي اڻتبڻت رهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهڻي وقت تائين جاري رهي.

پر هاڻي ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته عاصم رياض ۽ پارس ڇابڙا جو جهيڙو ختم ٿي ويو آهي ۽ ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي.