November 28, 2021

سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي شامت، اهم حڪم نامو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن کي گرفتار جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي گهرو کاتي اين سي او سي جي هدايتن تي سڄي صوبي جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم جاري ڪيا هئا ته موٽر ويز تي سفر ڪندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن 20 سيپٽمبر تائين لازمي قرار ڏني وئي آهي، هوم ڊليوري سروس جي اسٽاف لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن بنا سروس جي اجازت نه هوندي ۽ ريل ۾ سفر به نه ڪري سگهبو.

گهرو کاتي چيو هو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويندو، بس سروسز جي اسٽاف جي ويڪسينيشن نه ٿيڻ تي لاڳاپيل ڪمپني جي بسن ۽ اسٽينڊ کي سيل ڪيو ويندو، جڏهن ته هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ويڪسينيشن نه ٿيڻ تي هوٽل ۽ ريسٽورنٽ به سيل ڪيا ويندا.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي گهرو کاتي اختيارين کي خط لکندي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

صوبائي گهرو کاتي آءِ جي پوليس، ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز کي هنگامي خط موڪليندي چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙين ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.