October 26, 2021

ويسٽ انڊيز جي پاڪستان دوري لاءِ ٻنهي ملڪن جي بورڊن ۾ رابطو

لاهور (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي آخر ۾ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن ۾ رابطو ٿيو آهي.

واضح رهي ته ويسٽ انڊيز کي ڊسمبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، ان حوالي سان ويسٽ انڊين ميڊيا جو چوڻ آهي ته رابطي دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ڊسمبر ۾ ٿيندڙ دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي.

ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جي سي اي او جوني گريو موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ٽور جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

هن اهو به چيو ته ويسٽ انڊيز، آسٽريليا ۽ افغانستان وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽراءِ سيريز جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي.