August 9, 2022

ڇا راکي ساونت جي مڙس کي بگ باس 15 ۾ ڏسي سگهجي ٿو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نالي واري اداڪارا راکي ساونت جي مڙس رتيش بگ باس 15 ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته راکي جو مڙس پهريون ڀيرو عوام جي اڳيان نظر آيو.

ان حوالي سان سندس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.جنهن تي هن چيو ته سلمان خان ۽ بگ باس 14 جا ڪنٽسٽنٽس منهنجي شرڪت چاهين پيا پر مان پنهنجي بزنس ڪري نه اچي سگهيس.

رتيش ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن ڀيري مان راکي سان گڏ بگ باس 15 ۾ ضرور شريڪ ٿيندس.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا جي مڙس طرفان في الحال پنهنجي تصوير شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪندي کيس چيو آهي ته توهان مونکي شو ۾ پاڻ ڏسندئو.

ياد رهي ته راکي ساونت 2019ع ۾ ميڊيا کي ٻڌايو هو ته هو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي ، هن سوشل ميڊيا تي شادي جي جوڙي ۾ تصوير به پوسٽ ڪئي هئي.

تصوير ۾ ڏسي نظر اچي رهيو هو ته راکي ساونت رتيش جو هٿ پڪڙيو آهي پر رتيش تصوير ۾ ڏسڻ ۾ نه پئي آيو پوءِ اداڪارا بگ باس 14 تي رتيش جو ذڪر ڪيو، جنهن ڳالهه عوام جو ڌيان هن ڏانهن ڇڪايو.

Follow by Email
YouTube
YouTube