November 28, 2021

ڌانڌلين جو نتيجو عوام ۽ ملڪ ڀوڳي پيو، ادارا وچ ۾ نه اچن: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ نون جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي 2018 ۾ دانڌلي جو نتيجو اڄ عوام ۽ ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، ادارن کي گهرجي ته اسان جي وچ مان پري ٿي وڃن.

پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ پارٽي جي ڪاميابي تي مبارڪن جا حقدار آهيو.

هن چيو ته پارٽي جو نقصان سڀني جو نقصان آهي، ذاتي تڪرار وساري پارٽي جي لاءِ ڪم ڪريو ته ائين ئي ڪاميابي ماڻينداسين.

حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته اسان جي پارٽي ٽوڙڻ، ڪمزور ڪرڻ ۽ دانڌلي ڪرڻ جي باوجود به انهن کي شڪست ملي، آزاد ڪشمير جو اليڪشن اسان هارايو پر پوءِ به پنج لک ووٽ اسان کي ئي مليا، دانڌلي ڪرڻ وارا به حيران آهن ته ايترو ڪجهه ڪرڻ کانپوءِ به هنن کي ايڏا ووٽ ڪيئن مليا؟

نون ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته 2018 ۾ دانڌلي جو نتيجو اڄ عوام ۽ ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، ادارن کي به گهرجي ته انهن جي وچ مان پري ٿي وڃن، جنهن جي پرفارمنس ايڏي خراب هجي، حڪومت ڪرڻ تي اچي وڃي ته ماڻهو ته پريشان ئي ٿيندا نه.