November 28, 2021

”ڪابل مان سفارتڪارن جي نيڪالي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير شاهه چيو آهي ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين اختيارين جي باحفاظت نيڪالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور سهڪار ڪيو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيبملي جي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان جو امن سڄي خطي جي لاءِ ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان جو سهڪار جاري رکڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي پرڏيهي معاملن واري سربراهه کي افغانستان مان سفارتڪارن ۽ ٻين اختيارين جي باحفاظت نيڪالي ۾ پاڪستان جي ڪردار کان به آگاهه ڪيو.