October 26, 2021

ڪراچي: بي رحم پُٽ تشدد ڪري ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سپر هائي وي تي خادم ڳوٺ جي ويجهو بي رحم پُٽ سخت تشدد ڪري ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار غلام محمد پنهنجي ماءُ تي سخت تشدد ڪري ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس اختيارين چيو ته جوابدار غلام محمد موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، کيس جلد گرفتار ڪري قانون اڳيان پيش ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي محمود آباد ۾ تعمير هيٺ گهر جي ڀت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين کي فوري طور استپال منتقل ڪيو ويو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.