October 26, 2021

بجلي تي هلندڙ تيز ترين ريل ۾ سفر، ڪراچي وارن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي ڪراچي سرڪيولر ريلوي جو پيڙهه جو پٿر رکندو، جنهن تحت بجلي سان تيز ترين ريل هلائي ويندي، جنهن ۾ چار لک کان وڌيڪ ماڻهو سفر ڪري سگھندا.

پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر خرم شير زمان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي ڪراچي سرڪيلور ريلوي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکندو، منصوبي جي لاڳت 170 ارب روپيا آهي.

خرم شير زمان جو چوڻ هو ته منصوبي لاءِ نئون ريلوي ٽريڪ وڇايو ويندو ۽ ريل تيز ترين بجلي تي هلندڙ هوندي ۽ هر 6 منٽن بعد اسٽيشن تي ايندي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ ٻڌايو ته ان سهولت مان روزانو 4 لک مسافر فائدو وٺي سگھندا، منصوبي جي بنيادي ڍانچي تي 20.7 ارب روپيا خرچ ٿيندا ۽ منصوبي کي  مڪمل ڪرڻ  جي ڊيڊ لائين ڏيڍ سال جي ڏني وئي آهي.