January 18, 2022

دبئي ۾ فرعون جي تابوت جي نمائش

1 min read

ڪاهرا(ويب ڊيسڪ) دبئي ايڪسپو ۾ فرعون جي تابوت جي به نمائش ڪئي ويندي.

مصر جي واپار ۽ انڊسٽري واري وزارت موجب فرعون جو تابوت مصر جي پويلين ۾ نمائش لاءِ رکيو ويندو، تابوت جي ڇهن مهينن تائين نمائش ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سامتڪ (Psamtik) جو انساني جسم جهڙو قديم تابوت رنگين ڪاٺ جو ٺهيل آهي جنهن کي تازو ئي ڳوليو ويو آهي.

هٿ آيل تابوت تي فرعون جي زماني جي نقش نگاري به ٿيل آهي.

مصر جي حڪومت ان تابوت کي دبئي ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube