October 26, 2021

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 642 ڪيس رپورٽ، 11 مريض فوت

1 min read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 7327 ٿي ويو، جڏهن ته 12954 ٽيسٽ ڪيون ويون جنهن مان 642 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

اها ڳالهه وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي وزيراعليٰ هائوس کان جاري ڪيل بيان ۾ چئي،  هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿيا ، جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 7327 ٿي ويو، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

مراد علي شاهه چيو ته 12954 ماڻهن جون ٽيسٽ ڪيون ويون جنهن مان 642 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 21614 مريض علاج هيٺ آهن، 642 نون ڪيسن مان 229 جو واسطو ڪراچي سان آهي،

126 ڪيس حيدرآباد، 33 ڪيس ڄامشورو، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ 30،30، گھوٽڪي ۽ ميرپورخاص ۾ 13-13، عمر ڪوٽ  ۾ 12، شڪارپور ۾ 11، دادو ۾ 10، لاڙڪاڻو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ 9-9، ٽنڊو محمد خان ۾ 7، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ 4-4، ڪشمور ۾ 3، نوشهري فيروز ۽  ٺٽي ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيو.

مراد علي شاهه صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.