November 28, 2021

شيخ رشيد ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جون ٻه خوراڪون نه لڳرائيندڙن لاءِ 30 سيپٽمبر کان پوءِ مختلف قسمن جو پابنديون لڳايون پيون وڃن.

شيخ رشيد پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اين سي او سي ڪورونا وائرس جي خلاف زبردست ڪم ڪيو آهي جنهن کي دنيا به تسليم ڪيو آهي.

هن ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته 30 سيپٽمبر تائين ويڪسين جو ٻيون ڊوز به لڳرايو، ڇو ته 30 سيپٽمبر کان پوءِ مختلف قسمن جو پابنديون لڳايون وينديون.

سندس چوڻ هو ته جن ويڪسين ناهي لڳرائي اهي 30 سيپٽمبر کان پوءِ گھڻين سهولتن کان محروم ٿي ويندا، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ ويڪسين لڳرايو، 30 سيپٽمبر کان اڳ ويڪسين جا ٻئي ڊوز مڪمل ڪري پنهنجي خاندان ۽ اولاد کي بچايو ۽ ملڪ جي خدمت ڪيو.