November 28, 2021

ملڪ ۾ ڪورونا وگھي وڌيڪ 42 ڄڻا فوت، 2060 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 42 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ فوتگين جو گڏيل انگ 27 هزار 524 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ ايند آپريشن سينٽر (اين سي او سي) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دورنا سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 60 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 12 لک 36 هزار 888 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 44 هزار 958 ڪورونا ٽيسٽ ڪيون ويون ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.58 سيڪڙو رهي.

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 4 لک 54 هزار 510، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 72 هزار 766، پنجاب ۾ 4 لک 27 هزار 583، اسلام آباد ۾ هڪ لک 4 هزار 913، بلوچستان ۾ 32 هزار 837، آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 990 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 289 ٿي ويو آهي.

ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 12 هزار 535 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 7 هزار 327، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 488، اسلام آباد 910، گلگت بلتستان 184، بلوچستان ۾ 346 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 734 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.