November 28, 2021

وڏو وزير سپريم ڪورٽ کي ڪوتاهيون ياد ڏيارڻ لڳو، عوام تي به ڪاوڙيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اها جڳهه ٻڌايو جٿي مينهن وسندو آهي ته پاڻي گڏ ناهي ٿيندو، جڏهن ڪالهه واري مينهن جي ڪري رڳو هڪڙي جاءِ تي پاڻي گڏ ٿيو.

سنڌ جي وڏي وزير فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) ۾ سيمپوزيم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اها جاءِ ٻڌائي وڃي جٿي مينهن پوڻ کانپوءِ پاڻي گڏ ناهي ٿيندو، مينهن جي موسم ۾ ته نيويارڪ سب وي اسٽيشنز ۾ به پاڻي ڀرجي ويندو آهي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته 3 اسپتالن کي 22 ارب رپيا هر سال ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اينجيو پلاسٽي اين آءِ سي وي ڊي ۾ ٿيندي آهي پر پوءِ به ماڻهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن ته ايترو بهتر ۽ سُٺو ڪم ٿي رهيو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سوشل ميڊيا تي طنز ڪئي وئي ته ٻاهرين ملڪ مان ماڻهو علاج جي لاءِ اچي رهيا آهن ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ ئي پاڻ تي طنز ڪندا رهيا اهڙا ماڻهو جڏهن پاڻ تجربن مان ناهن گذرندا تيستائين ناهن مڃيندا.

هن چيو ته تعليم جي حوالي سان حالتون حوصلو وڌائيندڙ ناهن پر جادو جي ڇڙي ناهي جو معاملا فوري طور تي ٺيڪ ٿي وڃن.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو وڏو احترام ڪندا آهيون پر عدالتن ۾ 50 هزار ڪيس به ٻڌڻي هيٺ پيل آهن سپريم ڪورٽ رڳو سنڌ حڪومت کي ”شيم“ ناهي چيو.