October 26, 2021

آصف زرداري جي نااهلي لاءِ درخواست 27 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي نااهلي لاءِ درخواست 27 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار ۽ خرم شير زمان طرفان داخل ڪرايل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري نيو يارڪ ۾ پنهنجو فليٽ نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪيو، آصف زرداري پنهنجا اثاثا لڪايا، هو صادق ۽ امين ناهي رهيو.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت آصف زرداري کي نااهل قرار ڏنو وڃي.