October 26, 2021

آمريڪا پاران عالمي تنظيمن کي طالبان ۽ حقاني نيٽورڪ سان ڏي وٺ جي اجازت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغانستان کي انساني بحران کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي تنظيمن کي طالبان ۽ حقاني نيٽورڪ سان ڏي وٺ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا افغانستان ۾ امداد جا رستا کولڻ لاءِ ٻه لائيسنس جاري ڪري رهيو آهي ڇو جو آمريڪا کي خدشو آهي ته هن جون طالبان تي لڳايل پابنديون افغانستان ۾ انساني بحران کي وڌائي سگھن ٿيون.

آمريڪا جي ناڻي واري کاتي موجب هڪ لائيسنس آمريڪي حڪومت، اين جي اوز ۽ گڏيل قومن سميت مخصوص عالمي تنظيمن کي طالبان يا حقاني نيٽورڪ سان ڏي وٺ ۾ ملوث ٿيڻ اجازت ڏئي ٿو.

رپورٽن موجب ٻيو لائيسنس عالمي تنظيمن کي طالبان حڪومت سان خوراڪ، دوائن ۽ طبي اوزارن جي برآمد بابت ڪجهه ڏي وٺ جي اجازت ڏئي ٿو.