November 28, 2021

ملا عمر جي پٽ طالبان ويڙهاڪن کي وارننگ ڏئي ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي عبوري  بچاءَ واري وزير ملا محمد يعقوب جو آڊيو پيغام سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن طالبان ويڙهاڪن ۽ ڪمانڊرز جي شهرين سان بدتميزي تي ڇنڊ پٽي آهي.

طالبان جي باني ملا عمر جي پٽ ملا يعقوب پنهنجي آڊيو پيغام ۾ ڪجهه ڪمانڊرن ۽ ويڙهاڪن جي بدتميزي تي چيو ته شهرين سان بدتميزي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته افغانستان ۾ عام معافي جي اعلان تحت ڪنهن به مجاهد کي ڪنهن کان به انتقام وٺڻ جو حق نه آهي.

ملا يعقوب جو چوڻ هو ته ڪجهه شرپسندن، بدنام اڳوڻن فوجين کي طالبان يونٽن ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جن ڪجهه وقتن تي پرتشدد زيادتيون ڪيون.

طالبان اڳواڻ پنهنجي ساٿين کي اهڙن ماڻهن کي پنهنجي صفن کان پري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اسان پنهنجي صفن ۾ اهڙا ماڻهو نٿا چاهيون.

ملا يعقوب طالبان ويڙهاڪن جي مختلف وزارتن ۾ تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ تي به اعتراض واريو.

هن  چيو ته اهو اعتراض جوڳو فعل آهي ڇو ته ماڻهو پنهنجي موبائل ڪڍي اهم ۽ حساس وزارتن ۾ سواءِ ڪنهن سبب جي تصويرون ڪڍي رهيا آهن. ائين گھمڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ دنيا ۽ آخرت ۾ مددگار ثابت نه ٿيندو.

مقامي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪابل جي ڪجهه شهرين روڊ تي گھمندي ڦرندي طالبان ويڙهاڪن هٿان خراب ورتاءَ جي شڪايت ڪئي هئي پر ملا يعقوب جي آڊيو پيغام ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هو ڪهڙن واقعن بابت ويڙهاڪن کي ڇنڊ پٽي رهيو آهي.

واضح رهي ته طالبان جي عبوري ڪابينا ۾ ملا عمر جي پٽ ملا يعقوب کي بچاءَ واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.