October 26, 2021

مني لانڊرنگ معاملو: ايف آءِ اي ڪراچي پوليس کي 40 ڪيس واپس ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سنڌ پوليس جي رواني ڪيل 40 ڪيسن کي ايف آءِ اي پنهنجي اختيارن جي دائري کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي پوليس کان مني لانڊرنگ جاچ لاءِ 66 ڪيس ايف آءِ اي کي وصول ٿيا هئا، جن ۾ ايف آءِ اي کي جاچ لاءِ چيو ويو هو پر انهن مان 40 ڪيس ڪراچي پوليس کي واپس روانا ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي مختلف ٿاڻن بابت 26 ڪيسن تي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت جاچ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته 40 ڪيس اڻ لاڳاپيل قرار ڏئي ڪراچي پوليس کي واپس روانا ڪيا ويا.

26 ڪيسن ۾ مني لانڊرنگ جي باقاعدي طور انڪوائري ايف آءِ اي جي مختلف سرڪلز حوالي ڪئي وئي.

واضح رهي ته ڪراچي پوليس کان ايف آءِ اي کي وصول ڪيسن ۾ جي ايس بئنڪ گولڊ اسڪينڊل جا ڪيس به شامل آهن.